بلوچ نيشنل مووميٽ جي چيئرمين ڊاڪٽر نسيم بلوچ ممتاز سنڌي قومپرست رھنما سائين جي ايم سيد جي 119 ھين سالگرھ جي موقعي تي چيو آھي تہ سائين جي ايم سيد نہ صرف سنڌين پر خطي جي ٻين قومن لاءِ پڻ نھايت احترام وارو اڳواڻ آھي. سائين پنھنجي علم ، عقل ، تدبر ۽ سياسي بصيرت سان سنڌي قوم ۽ قومپرستيء کي ھِڪ واضح رُخ ڏنو. اُن ۾ ڪو شڪ ناھي تہ سنڌي قوم ۾ موجودھ قومپرستي جو اُڀار ۽ آزاديءَ جي جذبي سان سرشار ٿيڻ سائين جي تعليمات جي بدولت آھي. اھو ئي سبب آھي تہ سائين سنڌين جو ھِڪ غير متنازع رھبر آھي ۽ بلوچ سميت خطي جون سڀئي قومون کيس نھايت قدر جي نگاھ سان ڏسن ٿيون.
انھن چيو تہ سنڌي تھذيب ، سنڌين جي سيڪيولر ۽ صوفياڻي طرز زندگي ۽ روايتن کي بحيثيت قوم زندھ رکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. پاڪستان جي زيرِ قبضہ ٻين قومن وانگر سنڌين جي ھزارين سالہ تاريخ ، تھذيب ۽ روايتن ۾ پاڪستاني رياست انتھاپسندي ۽ مذھبي جنونيت کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھي تہ جيئن انھن جي تھذيب ۽ ثقافت کي ميساري انھن کي پنھنجي شناخت کان غافل ڪيو وڃي.
يقينن محڪوم ۽ مظلوم قومن جي شناخت ، روايتون ۽ ثقافت جو تحفظ انھي ڳالھ تي انحصار ڪري ٿو تہ اھي قابض ۽ حاڪم جي خلاف ڪھڙيء طرح مزاحمت ڪري ڏيکارينديون آھن. قابض جي خلاف مزاحمت سان اسان بحيثيت قوم جي ئي زندھ رھي سگھون ٿا.
ڊاڪٽر نسيم بلوچ چيو آھي تہ سائين جي ايم سيد جھڙي مدبر رھنما جي تعليمات ، فڪر ۽ نظريو اسان لاءِ مشعل راھ آھي . انھن وڌيڪ چيو تہ جنھن طرح سائين جي ايم سيد سنڌي قوم پرستيءَ کي جديد معيارن تي بيھاريو ، ان تي عمل ڪري آزاد سنڌوديش جو قيام عمل ۾ آڻي سگھجي ٿو. ڇوتہ اسان ھڪ غير فطري رياست جا غُلام آھيون ، جتي جمھوريت ، انساني تقدس ۽ حق وٺڻ ناپيد آھن.
پاڪستان اندر اقوامِ متحدا جا تسليم شدھ حق ، حقِ آزاديءَ جي لاءِ جدوجھد ڪرڻ وارا ڪارڪن ، ٽارچر سيلن ، جبري گمشدگين، حراستي قتلن ۽ ٻين شديد قسم جي رياستي لتاڙ جو شڪار آھن. اھڙيءِ طرح ھزارين ڪارڪن شھيد پڻ ٿي چڪا آھن.
اھڙين قربانين جو حاصل ۽ حدف قومي آزادي آھي . اسانکي ان مشترڪہ دشمن خلاف مشترڪہ جدوجھد ڪرڻ گھرجي.
انھن چيو تہ برطانيا ۽ مغربي طاقتن نام نھاد مذھبي نظرئي تي پنھنجي مفادن لاءِ پاڪستان جھڙي غير فطري رياست وجود ۾ آندي . جڏھن تہ بلوچ ، سنڌي ۽ پشتون ھزارين سالہ تاريخ ، تھذيب ۽ ثقافت جا مالڪ آھن. پاڪستان اسانکي غُلام ڪري اسانجي قومي بقا ۽ شناخت کي ختم ڪرڻ تي آھي. اسانکي پنھنجي ئي سرزمينن تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن.
بي اين ايم چيئرمين چيو آھي تہ اسان سائين جي ايم سيد جي 119 ھين جنم ڏينھن تي کيس خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ اھو عزم ڪريون ٿا تہ اسان سموريون محڪوم قومون مشترڪہ دُشمن جي خلاف گڏ آھيون.
اڄ چين پاڪستان اڪانامڪ ڪاريڊور (سيپيڪ) منصوبي جي شڪل ۾ چين بہ بلوچستان ۽ سنڌوديش ۾ اسانجي وسيلن جي استحصال ۽ اسانجي نسل ڪشي ۾ شريڪ جرم بڻجي چڪو آھي. اسان سڀني کي بحيثيت قوم ڪيترائي چيلينجز درپيش آھن. ان جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسانکي قومپرستي جي جذبي سان گڏ ھر ميدان ۾ منظم ۽ مضبوط ٿي مقابلو ڪرڻو پوندو.