بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) جي ترجمان افغانستان تي پاڪستان جي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان 21 ۽ 22 فيبروري جي وچ واري رات افغانستان جي آبادي وارن علائقن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت پورا ڪٽنب قتل ٿي ويا. بلوچ قوم جون همدرديون متاثر خاندانن سان آهن، ۽ اسان افغانستان جي خودمختياري ۽ ان جي حقِ دفاع جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.
هن چيو ته افغانستان تي پاڪستاني حملا افغان قوم جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ آزادي تي سڌو سنئون حملو آهن، جن ۾ سڌو سنئون شهري نشانو بڻايا ويا. حقيقتون پاڪستان جي دعوائن جي ترديد ڪن ٿيون. انهن هوائي حملن ۾ پڻ اڳ وانگر بيگناهه شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو.
ترجمان وڌيڪ چيو ته گذريل 79 ورهين کان علائقي ۾ بدامني جو بنيادي سبب رياست پاڪستان جون پاليسيون آهن، جيڪي ظاهر ۽ ڳجهن توسيع پسندانه ارادن تي ٻڌل آهن. پاڪستان پنهنجي قيام کان فوراً پوءِ بلوچستان تي قبضو ڪيو، قومن جي خودمختياري ۽ آزاديون کسيو ويون ۽ کين بالادست پنجابي رجيم جي ماتحت رکيو ويو. موجوده “نام نهاد پاڪستان” ۾ محڪوم قومون پنهنجي قومي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن. دنيا ڏسي رهي آهي ته پاڪستان سياسي ۽ سماجي طور انتشار جو شڪار ٿي چڪو آهي، ۽ اهي ئي حالتون رياست پاڪستان لاءِ مسئلن جو سبب بڻجي رهيون آهن.
هن چيو ته سياسي قوتن خلاف فوجي جبر ۽ رياستي دهشتگردي باوجود پاڪستان پنهنجا معاملا درست ڪرڻ ۾ مسلسل ناڪام رهيو آهي، ۽ پنهنجين ناڪامين جو الزام پاڙيسري ملڪن تي وجهي علائقي ۾ بيچيني ۽ جنگ جهڙو ماحول پيدا ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي فوجي طاقت نه رڳو علائقي پر علائقي کان ٻاهر ملڪن لاءِ به هڪ واضح خطرو آهي. هن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقي جي قومن وچ ۾ اتحاد ۽ گڏيل محاذ جو قيام لازمي ۽ اهم آهي.