بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) جي ترجمان بلوچ قوم دوست اڳواڻ بابا خيربخش مري جي 12هين ورسيءَ جي مناسبت سان کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته، بابا خيربخش مري بلوچ تحريڪِ آزاديءَ جا اهڙا اڳواڻ آهن، جن بلوچستان جي ڀٽڪيل تحريڪ کي آزاديءَ جي راهه تي گامزن ڪيو ۽ ان کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا. بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) سندن فڪر کي قومي ورثو سمجهي ٿي؛ پاڻ بلوچ قوم کي بقا جو رستو ڏيکاريائون ۽ منزل جي نشاندهي ڪئي. سندن رهنمائي ۽ قربانين جي بدولت اڄ لکين بلوچ تحريڪِ آزاديءَ جو حصو آهن.
هن چيو ته بابا خيربخش مري رڳو هڪ روايتي قبائلي ۽ سياسي اڳواڻ نه هئا، پر پاڻ هڪ انقلابي ۽ قوم دوست فلاسفر هئا. پاڻ بلوچ سماج، علائقائي توڙي عالمي حالتن ۽ سياست جو گهرو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتا ته پاڪستاني نظام ۾ بلوچ قومي سڃاڻپ جو تحفظ ممڪن ناهي. هن پنهنجي ۽ بلوچ قوم جي مسلسل ناڪام تجربن مان اهو سکيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ مان قومي حقِ خوداراديت جو حاصل ٿيڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر بنيادي شهري سهولتون ۽ حق حاصل ڪرڻ به ممڪن ناهي. بلوچستان ۾ غير پارلياماني قومي سياست کي سندن واضح سوچ طاقتور بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ترجمان چيو ته پاڻ قبائلي نظام کي فرسوده قرار ڏيندا هئا ۽ بلوچ قوم لاءِ هڪ ترقي پسند ۽ جديد رياست جا خواهشمند هئا، جتي سڀني کي آزادي، برابري ۽ انصاف ميسر هجي. پاڻ نه رڳو بلوچستان جي اندر سياسي، سماجي ۽ معاشي استحصال جا مخالف هئا، پر ھُو بين الاقوامي طاقتن جي اجاراداراڻي پاليسين جي به چٽي مخالفت ڪندا هئا.
“پاڻ جلاوطني برداشت ڪئي، ورثي ۾ مليل قبائلي طاقت، ملڪيت ۽ مراعات جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ بلوچ قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي بنيادن کي مضبوط ڪيو. هن پنهنجي اولاد سميت پنهنجو سڀ ڪجهه بلوچ قوم جي بقا ۽ تحريڪِ آزاديءَ لاءِ قربان ڪيو ۽ هڪ مضبوط جبل وانگر پنهنجي موقف تي آخري ساهه تائين بيٺا رهيا. پاڻ بلوچ قوم کي جديد دور جي تقاضن موجب نظرياتي ۽ عسڪري طور تي منظم جدوجهد جو درس ڏنو. سندن ’حق توار‘ جي نالي سان قائم ڪيل اسٽڊي سرڪلز بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ غور و فڪر، علم ۽ عمل جي مشعل روشن ڪئي، جنهن مان بلوچ قوم پنهنجي منزل جو رستو ڳولي لڌو.”
ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان کي بابا خيربخش مري جي شخصيت ۽ ڪردار مان صبر، دانائي ۽ اثرائتي حڪمت عملي جو درس ملي ٿو. پاڻ جذباتيت، غير حقيقي سياست ۽ رڳو لفظن جي راند تي يقين نه رکندا هئا. پاڻ اسان کي سيکاريائون ته اثرائتي ۽ عملي سياست ڪنهن بيان بازي يا ميڊيا پروپيگنڊا جي محتاج ناهي هوندي، ۽ عمل کان سواءِ رڳو نعرن بازي سان تحريڪون ناهن هلنديون. سندن جي ان ئي سوچ بلوچ مزاحمتي سياست کي نئين زندگي بخشي، جيڪا اڄ پنهنجي مضبوط ترين روپ ۾ موجود آهي.