Baloch National Movement
  • Statements
    • Chairperson
    • Secretary-General
    • Spokesperson
  • Chapters
    • Germany
    • South Korea
    • Netherlands
    • USA
    • UK
  • Zones
    • Awaran Zone
    • Kech Gwader Zone
    • BNM Kho-e-Siliman
    • BNM Panjgur
  • Departments
    • Paank-HR Department
    • Foreign Department
    • Welfare Department
  • More Links
    • Cabinet Meetings
    • Campaigns
    • Central Committee Meetings
    • Commemorative
    • Departments
    • Elections
    • Foreign Department
    • Interviews
    • National Council sessions
    • Organizational Programs
    • Pamphlets
    • Posters
    • Press Conferences
    • Conferences
    • Protests
    • Public Gatherings
    • Seminars
  • Other Websites
    • Paank
    • The Baloch Martyrs
    • BNM Footages
    • Old Website (Archive )
    • Old blog (Archive)
  • Languages
    • Balochi
    • Brahui
    • Urdu
    • Farsi
Reading: بلوچستان ۾ پاڪستاني فوج رڳو ٽن ڏينهن دوران 17 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، عالمي برادري جي خاموشي صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي — بي اين ايم ترجمان
Share
Search
Baloch National MovementBaloch National Movement
Font ResizerAa
Search
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2026 BNM. All rights reserved by the Information, IT, and Cultural Department (IIC) of the BNM. You may republish this content anywhere with proper attribution.
Home ★ Blog ★ بلوچستان ۾ پاڪستاني فوج رڳو ٽن ڏينهن دوران 17 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، عالمي برادري جي خاموشي صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي — بي اين ايم ترجمان
بيانَاتترجمان

بلوچستان ۾ پاڪستاني فوج رڳو ٽن ڏينهن دوران 17 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، عالمي برادري جي خاموشي صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي — بي اين ايم ترجمان

Qazi Rehan
Last updated: June 4, 2026 10:06 pm
Last updated: June 4, 2026
6 Min Read
Share
SHARE

بلوچستان ۾ پاڪستاني فوج بی هٿيار،هٿين خالي شهرين کي مسلسل نشانو بڻائي رهي آهي، جڏهن ته عالمي برادري جي خاموشي بلوچستان ۾ انساني حقن جي صورتحال کي هر پهلوءَ کان انتهائي ڳڻتي جوڳي ۽ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. رڳو هلندڙ هفتي دوران 17 ماڻهن کي ماوراءِ عدالت قتل ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي ضلعن مستونگ، نوشڪي، زهري، خضدار، ڪيچ ۽ گوادر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ روزاني بنيادن تي جبري گمشدگين جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته شهري آبادين تي گن شپ هيليڪاپٽرن ذريعي شيلنگ پڻ ڪئي پئي وڃي. بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) هن رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪندي چوي ٿي ته پاڪستان بلوچ قوم جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي ۽ صورتحال عالمي مداخلت جي متقاضي آهي. انهن خيالن جو اظهار بي اين ايم جي مرڪزي ترجمان بلوچستان ۾ تازن ڏينهن دوران پيش آيل رياستي دهشتگردي جي مختلف واقعن جي تناظر ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو.

ترجمان وڌيڪ تفصيل بيان ڪندي چيو ته قبضي هيٺ آيل بلوچستان مسلسل پاڪستاني فوج جي ظلمن ۽ رياستي دهشتگردي جو شڪار آهي. 2 جون 2026 تي پاڪستاني فوج هڪ ڀيرو ٻيهر زهري علائقي کي نشانو بڻايو. هن حملي دوران بلبل، زهري ۾ هڪ پرامن سياسي ڪارڪن خليل احمد موسياني کي سندس گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ حراست دوران قتل ڪيو ويو. ان سان گڏ ڪيترن ئي ماڻهن کي جبري طور لاپتا ڪيو ويو آهي، جن ۾ زهري خان موسياني، شڪر خان، ثناءُ الله موسياني، اميد علي خان، دوست محمد، ارشاد احمد ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي اڃا تائين آزاد نه ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته 31 مئي تي مستونگ جي علائقي ڪردگاپ ۾ پاڪستاني فوج جي گولاباري سبب غلام جان سمالاني قتل ٿي ويو، جيڪو پيشوَرانه طور ڊرائيور هو. جڏهن ته 1 جون تي کڊ ڪوچه جي علائقي کڊ عمراني ۾ شهري آبادي تي هيليڪاپٽرن ذريعي شيلنگ ڪئي وئي. رابطن جي معطلي سبب اتي ٿيل نقصانن بابت مڪمل تفصيلون اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيون آهن.

بي اين ايم جي ترجمان چيو ته قبضي هيٺ آيل بلوچستان 1948ع کان وٺي اڄ تائين پاڪستاني فوج جي جارحاڻين ڪارروائين جي زد ۾ رهيو آهي. هتي سياسي قوتن کي تشدد ۽ طاقت جي زور تي دٻائڻ جي رياستي پاليسي اڃا تائين شدت سان جاري آهي. جبري گمشدگين جي تسلسل هزارين خاندانن کي معاشي ۽ سماجي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي. 31 مئي کان 2 جون تائين رڳو ٽن ڏينهن دوران پاڪستاني فوج 17 ماڻهن کي سرعام قتل ڪيو، پر فوج مقتولن جي سڃاڻپ ۽ تفصيل ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪري رهي آهي. اهڙن ڪيترن ئي واقعن ۾ اڳ ئي جبري طور گم ڪيل ماڻهن کي حراست دوران قتل ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ پوءِ انهن کي هٿياربند ماڻهن خلاف ڪارروائي قرار ڏئي ڪوڙيون دعوائون ڪيون وينديون رهيون آهن. مقتولن جا لاش به وارثن حوالي نه پيا ڪيا وڃن.

ترجمان زور ڏيندي چيو ته پاڪستاني فوج بلوچ قوم خلاف نسل ڪشي جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. نسل ڪشي هڪ اهڙو مرحليوار عمل آهي جنهن ذريعي ڪنهن قوم کي سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ معاشي طور تباهه ڪيو ويندو آهي. ڊيره بگٽي، ڪوھلو، آواران، زهري، خضدار، پنجگور، ڪيچ ۽ گوادر جي ضلعن ۾ درجنين ڳوٺ تباهه ڪري ماڻهن کي زبردستي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ساڳئي پاليسي جي تسلسل طور تازن ڏينهن ۾ گوادر جي تحصيل جيمڙي جي ڳوٺ “پانوان” کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي.

هن چيو ته پاڪستاني فوج جا اهلڪار رات جي اونداهي ۾ پانوان جي رهواسين جي گهرن تي حملا ڪن ٿا. جبري گمشدگين، گهرن جي ڊهڻ ۽ ماوراءِ عدالت قتلن کان تنگ اچي سوين ماڻهن تي مشتمل ڪيترائي خاندان لڏپلاڻ ڪري اولهه بلوچستان منتقل ٿي ويا آهن، جتي انهن کي سخت معاشي ۽ سماجي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته درجنين ٻار تعليم کان محروم ٿي چڪا آهن.

ترجمان پنهنجي بيان جي پڄاڻيءَ ۾ چيو ته بي اين ايم بلوچستان جي آزادي واري تحريڪ جي حقيقتن کي دنيا آڏو آڻڻ لاءِ هر سطح تي سرگرم آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿي ته بلوچستان کي هڪ جنگ زده ۽ تڪراري خطو تسليم ڪندي فوري مداخلت ڪئي وڃي. سندس چوڻ موجب بلوچستان جي آزادي جي بحالي کان سواءِ نه رڳو بلوچ قوم جي بقا خطري ۾ آهي، پر هن اهم ۽ تزويراتي خطي ۾ پائيدار امن جو قيام پڻ بلوچ قوم جي حقِ خوداراديت ۽ بلوچستان جي آزادي سان مشروط آهي.

Share This Article
Facebook Email Copy Link Print

Reports and Statements

بلوچ ۽ سنڌي قومن لاءِ قومي آزادي، سياسي هم آهنگي ۽ عملي سهڪار اڻٽر آهن: ڊاڪٽر نسيم بلوچ

قومي آزاديءَ کان سواءِ جمهوريت، امن ۽ پائيدار مستقبل رڳو خوبصورت لفظ ۽ دل کي آٿت ڏيندڙ خواب بڻجي رهجي…

چيئرمين
October 11, 2026

بابا خيربخش مري جي 12هين ورسي: پاڻ بلوچ جدوجهد کي واضح رستو ۽ پڪا بنياد فراهم ڪيائون، ترجمان بي اين ايم

بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) سندن فڪر کي قومي ورثو سمجهي ٿي؛ پاڻ بلوچ قوم کي بقا جو رستو…

بيانَات ترجمان
June 11, 2026

افغانستان تي پاڪستان جي حملن ۾ بيگناهه جانيون ضايع ٿيون؛ بلوچ قوم افغانستان جي حقِ دفاع جي حمايت ڪري ٿي – ترجمان بي اين ايم

پاڪستان جي فوجي طاقت نه رڳو علائقي پر علائقي کان ٻاهر ملڪن لاءِ به هڪ واضح خطرو آهي. هن صورتحال…

بيانَات ترجمان
February 23, 2026

پانڪ پاران جنوري 2026 جي رپورٽ: 12 ماڻهو ماورائي عدالت قتل، 82 جبري گمشدگيون، 44 ماڻهو سخت تشدد کان پو ءِ آزاد

پانڪ مطابق، اها صورتحال بلوچستان ۾ انساني حقن جي بگڙجندڙ حالت جي واضح عڪاسي ڪري ٿي.

پانڪ
February 19, 2026

Follow US on Socials

Baloch Nationl Movement

Founded in 1987, the Baloch National Movement (BNM) is a revolutionary nationalist political organization fighting for Balochistan’s freedom.

Follow BNM

  • Paank
  • Footages
  • The Baloch Martyrs

© 2026 BNM. All rights reserved by the Information, IT, and Cultural Department (IIC) of the BNM. You may republish this content anywhere with proper attribution.

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?