Baloch National Movement
  • Statements
    • Chairperson
    • Secretary-General
    • Spokesperson
  • Chapters
    • Germany
    • South Korea
    • Netherlands
    • USA
    • UK
  • Zones
    • Awaran Zone
    • Kech Gwader Zone
    • BNM Kho-e-Siliman
    • BNM Panjgur
  • Departments
    • Paank-HR Department
    • Foreign Department
    • Welfare Department
  • More Links
    • Cabinet Meetings
    • Campaigns
    • Central Committee Meetings
    • Commemorative
    • Departments
    • Elections
    • Foreign Department
    • Interviews
    • National Council sessions
    • Organizational Programs
    • Pamphlets
    • Posters
    • Press Conferences
    • Conferences
    • Protests
    • Public Gatherings
    • Seminars
  • Other Websites
    • Paank
    • The Baloch Martyrs
    • BNM Footages
    • Old Website (Archive )
    • Old blog (Archive)
  • Languages
    • Balochi
    • Brahui
    • Urdu
    • Farsi
Reading: بلوچ ۽ سنڌي قومن لاءِ قومي آزادي، سياسي هم آهنگي ۽ عملي سهڪار اڻٽر آهن: ڊاڪٽر نسيم بلوچ
Share
Search
Baloch National MovementBaloch National Movement
Font ResizerAa
Search
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2026 BNM. All rights reserved by the Information, IT, and Cultural Department (IIC) of the BNM. You may republish this content anywhere with proper attribution.
Home ★ Blog ★ بلوچ ۽ سنڌي قومن لاءِ قومي آزادي، سياسي هم آهنگي ۽ عملي سهڪار اڻٽر آهن: ڊاڪٽر نسيم بلوچ
چيئرمين

بلوچ ۽ سنڌي قومن لاءِ قومي آزادي، سياسي هم آهنگي ۽ عملي سهڪار اڻٽر آهن: ڊاڪٽر نسيم بلوچ

Dr. Naseem Baloch
Last updated: October 11, 2026 2:40 pm
Last updated: October 11, 2026
3 Min Read
Share
SHARE

بلوچستان نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) جي چيئرمين ڊاڪٽر نسيم بلوچ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي 38هين سنڌ انٽرنيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته بلوچ ۽ سنڌي قومن لاءِ قومي آزادي، جمهوريت، امن ۽ پائيدار مستقبل جو حصول هڪ ٻئي سان گهرو تعلق رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته قومي آزاديءَ کان سواءِ جمهوريت، امن ۽ پائيدار مستقبل رڳو خوبصورت لفظ ۽ دل کي آٿت ڏيندڙ خواب بڻجي رهجي وڃن ٿا.

هن چيو ته هو بلوچستان نيشنل موومينٽ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو آهي، پر سنڌ جي ماڻهن جي وچ ۾ کيس ڪنهن ڌارئي قوم جي ماڻهن ۾ هجڻ جو احساس نٿو ٿئي. سنڌ ۽ بلوچستان رڳو ٻه پاڙيسري سرزمينون نه آهن، پر اهي صدين کان انساني، ثقافتي، معاشي ۽ سياسي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. ٻنهي جون سرحدون، تهذيبي يادون، تاريخي تجربا ۽ موجوده مسئلا هڪ ٻئي سان جڙيل آهن.

ڊاڪٽر نسيم بلوچ چيو ته جيڪڏهن قومي آزادي واضح سياسي جدوجهد، ثابت قدمي ۽ قربانين کان سواءِ حاصل ٿي سگهي ها ته دنيا جي تاريخ ۾ لکين انسانن کي پنهنجي جانين جون قربانيون نه ڏيڻيون پون ها. قومي آزادي رڳو هڪ نعرو نه، پر ڊگهي سياسي جدوجهد، واضح مقصد ۽ بي شمار قربانين جو نالو آهي. هن چيو ته بلوچ ۽ سنڌي سرزمينن تي جاري استحصال ۽ قبضي جو تسلسل نه رڳو ٻنهي قومن جي قومي سڃاڻپ، پر سندن مستقبل لاءِ به خطرو آهي. ٻنهي قومن لاءِ پنهنجي سرزمين جو سوال رڳو زمين جو نه، پر قومي وجود، سڃاڻپ ۽ ايندڙ نسلن جي بقا جو سوال آهي.

هن بلوچ ۽ سنڌي قيادت تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي پنهنجي قومي سڃاڻپ، سياسي تنظيمن ۽ الڳ الڳ ترجيحن جو احترام ڪندي انساني حقن، جبري گمشدگين، سياسي قيدين، قدرتي وسيلن، ماحولياتي تحفظ ۽ عالمي فورمن تي اثرائتي نمائندگيءَ جهڙن معاملن ۾ گڏيل قدم کڻن. هن چيو ته سهڪار جو بنياد جذباتي نعرن بدران باهمي احترام ۽ برابريءَ تي هئڻ گهرجي. حقيقي اتحاد اهو آهي ته ٻئي قومون پنهنجي سڃاڻپ ۽ ترجيحن کي برقرار رکندي گڏيل مسئلن جي حل لاءِ هڪ ٻئي سان برابريءَ جي بنياد تي بيهن ۽ همدرديءَ کي عملي يڪجهتيءَ ۾ تبديل ڪن.

ڊاڪٽر نسيم بلوچ چيو ته تاريخ بلوچ ۽ سنڌي قومن کي ڪيترائي گهرا زخم ڏنا آهن، پر تاريخ موقعا به فراهم ڪندي آهي. اڄ ٻنهي قومن آڏو پنهنجي قومي رياستن ۽ سياسي نظامن جي نئين سر اڏاوت جي حوالي سان هڪ اهم موقعو موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي منتشر صلاحيتن کي هڪ ٻئي جي تجربن مان سکندي منظم سياسي ۽ سفارتي قوت ۾ تبديل ڪيو وڃي.

بلوچ ۽ سنڌي قومن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر نسيم بلوچ چيو ته، ”توهان جتي به پنهنجي آواز اٿاريندا، سياسي ميدان کان وٺي ڏکين ترين محاذن تائين، اتي بلوچ قوم کي پنهنجي ڀرسان بيٺل ڏسندا.“

Share This Article
Facebook Email Copy Link Print

Reports and Statements

بابا خيربخش مري جي 12هين ورسي: پاڻ بلوچ جدوجهد کي واضح رستو ۽ پڪا بنياد فراهم ڪيائون، ترجمان بي اين ايم

بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) سندن فڪر کي قومي ورثو سمجهي ٿي؛ پاڻ بلوچ قوم کي بقا جو رستو…

بيانَات ترجمان
June 11, 2026

بلوچستان ۾ پاڪستاني فوج رڳو ٽن ڏينهن دوران 17 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، عالمي برادري جي خاموشي صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي — بي اين ايم ترجمان

بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) هن رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪندي چوي ٿي ته پاڪستان بلوچ قوم جي…

بيانَات ترجمان
June 4, 2026

افغانستان تي پاڪستان جي حملن ۾ بيگناهه جانيون ضايع ٿيون؛ بلوچ قوم افغانستان جي حقِ دفاع جي حمايت ڪري ٿي – ترجمان بي اين ايم

پاڪستان جي فوجي طاقت نه رڳو علائقي پر علائقي کان ٻاهر ملڪن لاءِ به هڪ واضح خطرو آهي. هن صورتحال…

بيانَات ترجمان
February 23, 2026

پانڪ پاران جنوري 2026 جي رپورٽ: 12 ماڻهو ماورائي عدالت قتل، 82 جبري گمشدگيون، 44 ماڻهو سخت تشدد کان پو ءِ آزاد

پانڪ مطابق، اها صورتحال بلوچستان ۾ انساني حقن جي بگڙجندڙ حالت جي واضح عڪاسي ڪري ٿي.

پانڪ
February 19, 2026

Follow US on Socials

Baloch Nationl Movement

Founded in 1987, the Baloch National Movement (BNM) is a revolutionary nationalist political organization fighting for Balochistan’s freedom.

Follow BNM

  • Paank
  • Footages
  • The Baloch Martyrs

© 2026 BNM. All rights reserved by the Information, IT, and Cultural Department (IIC) of the BNM. You may republish this content anywhere with proper attribution.

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?