Skip to content

Live

Live: the latest updates

Updated ۱ month ago · The latest updates

Sunday ۱۱ October ۲۰۲۶

چيئرمين

بلوچ ۽ سنڌي قومن لاءِ قومي آزادي، سياسي هم آهنگي ۽ عملي سهڪار اڻٽر آهن: ڊاڪٽر نسيم بلوچ

بلوچستان نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) جي چيئرمين ڊاڪٽر نسيم بلوچ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي 38هين سنڌ انٽرنيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته بلوچ ۽ سنڌي قومن لاءِ قومي آزادي، جمهوريت، امن ۽ پائيدار مستقبل جو حصول هڪ ٻئي سان گهرو تعلق رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته قومي آزاديءَ کان سواءِ جمهوريت، امن ۽ پائيدار مستقبل رڳو خوبصورت لفظ ۽ دل کي آٿت ڏيندڙ خواب بڻجي رهجي وڃن ٿا.

هن چيو ته هو بلوچستان نيشنل موومينٽ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو آهي، پر سنڌ جي ماڻهن جي وچ ۾ کيس ڪنهن ڌارئي قوم جي ماڻهن ۾ هجڻ جو احساس نٿو ٿئي. سنڌ ۽ بلوچستان رڳو ٻه پاڙيسري سرزمينون نه آهن، پر اهي صدين کان انساني، ثقافتي، معاشي ۽ سياسي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. ٻنهي جون سرحدون، تهذيبي يادون، تاريخي تجربا ۽ موجوده مسئلا هڪ ٻئي سان جڙيل آهن.

ڊاڪٽر نسيم بلوچ چيو ته جيڪڏهن قومي آزادي واضح سياسي جدوجهد، ثابت قدمي ۽ قربانين کان سواءِ حاصل ٿي سگهي ها ته دنيا جي تاريخ ۾ لکين انسانن کي پنهنجي جانين جون قربانيون نه ڏيڻيون پون ها. قومي آزادي رڳو هڪ نعرو نه، پر ڊگهي سياسي جدوجهد، واضح مقصد ۽ بي شمار قربانين جو نالو آهي. هن چيو ته بلوچ ۽ سنڌي سرزمينن تي جاري استحصال ۽ قبضي جو تسلسل نه رڳو ٻنهي قومن جي قومي سڃاڻپ، پر سندن مستقبل لاءِ به خطرو آهي. ٻنهي قومن لاءِ پنهنجي سرزمين جو سوال رڳو زمين جو نه، پر قومي وجود، سڃاڻپ ۽ ايندڙ نسلن جي بقا جو سوال آهي.

هن بلوچ ۽ سنڌي قيادت تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي پنهنجي قومي سڃاڻپ، سياسي تنظيمن ۽ الڳ الڳ ترجيحن جو احترام ڪندي انساني حقن، جبري گمشدگين، سياسي قيدين، قدرتي وسيلن، ماحولياتي تحفظ ۽ عالمي فورمن تي اثرائتي نمائندگيءَ جهڙن معاملن ۾ گڏيل قدم کڻن. هن چيو ته سهڪار جو بنياد جذباتي نعرن بدران باهمي احترام ۽ برابريءَ تي هئڻ گهرجي. حقيقي اتحاد اهو آهي ته ٻئي قومون پنهنجي سڃاڻپ ۽ ترجيحن کي برقرار رکندي گڏيل مسئلن جي حل لاءِ هڪ ٻئي سان برابريءَ جي بنياد تي بيهن ۽ همدرديءَ کي عملي يڪجهتيءَ ۾ تبديل ڪن.

ڊاڪٽر نسيم بلوچ چيو ته تاريخ بلوچ ۽ سنڌي قومن کي ڪيترائي گهرا زخم ڏنا آهن، پر تاريخ موقعا به فراهم ڪندي آهي. اڄ ٻنهي قومن آڏو پنهنجي قومي رياستن ۽ سياسي نظامن جي نئين سر اڏاوت جي حوالي سان هڪ اهم موقعو موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجي منتشر صلاحيتن کي هڪ ٻئي جي تجربن مان سکندي منظم سياسي ۽ سفارتي قوت ۾ تبديل ڪيو وڃي.

بلوچ ۽ سنڌي قومن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر نسيم بلوچ چيو ته، ”توهان جتي به پنهنجي آواز اٿاريندا، سياسي ميدان کان وٺي ڏکين ترين محاذن تائين، اتي بلوچ قوم کي پنهنجي ڀرسان بيٺل ڏسندا.“

Open as a separate page: بلوچ ۽ سنڌي قومن لاءِ قومي آزادي، سياسي هم آهنگي ۽ عملي سهڪار اڻٽر آهن: ڊاڪٽر نسيم بلوچ

Wednesday ۱۰ June ۲۰۲۶

بيانَات

بابا خيربخش مري جي 12هين ورسي: پاڻ بلوچ جدوجهد کي واضح رستو ۽ پڪا بنياد فراهم ڪيائون، ترجمان بي اين ايم

بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) جي ترجمان بلوچ قوم دوست اڳواڻ بابا خيربخش مري جي 12هين ورسيءَ جي مناسبت سان کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته، بابا خيربخش مري بلوچ تحريڪِ آزاديءَ جا اهڙا اڳواڻ آهن، جن بلوچستان جي ڀٽڪيل تحريڪ کي آزاديءَ جي راهه تي گامزن ڪيو ۽ ان کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا. بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) سندن فڪر کي قومي ورثو سمجهي ٿي؛ پاڻ بلوچ قوم کي بقا جو رستو ڏيکاريائون ۽ منزل جي نشاندهي ڪئي. سندن رهنمائي ۽ قربانين جي بدولت اڄ لکين بلوچ تحريڪِ آزاديءَ جو حصو آهن.

هن چيو ته بابا خيربخش مري رڳو هڪ روايتي قبائلي ۽ سياسي اڳواڻ نه هئا، پر پاڻ هڪ انقلابي ۽ قوم دوست فلاسفر هئا. پاڻ بلوچ سماج، علائقائي توڙي عالمي حالتن ۽ سياست جو گهرو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهتا ته پاڪستاني نظام ۾ بلوچ قومي سڃاڻپ جو تحفظ ممڪن ناهي. هن پنهنجي ۽ بلوچ قوم جي مسلسل ناڪام تجربن مان اهو سکيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ مان قومي حقِ خوداراديت جو حاصل ٿيڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر بنيادي شهري سهولتون ۽ حق حاصل ڪرڻ به ممڪن ناهي. بلوچستان ۾ غير پارلياماني قومي سياست کي سندن واضح سوچ طاقتور بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ترجمان چيو ته پاڻ قبائلي نظام کي فرسوده قرار ڏيندا هئا ۽ بلوچ قوم لاءِ هڪ ترقي پسند ۽ جديد رياست جا خواهشمند هئا، جتي سڀني کي آزادي، برابري ۽ انصاف ميسر هجي. پاڻ نه رڳو بلوچستان جي اندر سياسي، سماجي ۽ معاشي استحصال جا مخالف هئا، پر ھُو بين الاقوامي طاقتن جي اجاراداراڻي پاليسين جي به چٽي مخالفت ڪندا هئا.

“پاڻ جلاوطني برداشت ڪئي، ورثي ۾ مليل قبائلي طاقت، ملڪيت ۽ مراعات جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ بلوچ قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي بنيادن کي مضبوط ڪيو. هن پنهنجي اولاد سميت پنهنجو سڀ ڪجهه بلوچ قوم جي بقا ۽ تحريڪِ آزاديءَ لاءِ قربان ڪيو ۽ هڪ مضبوط جبل وانگر پنهنجي موقف تي آخري ساهه تائين بيٺا رهيا. پاڻ بلوچ قوم کي جديد دور جي تقاضن موجب نظرياتي ۽ عسڪري طور تي منظم جدوجهد جو درس ڏنو. سندن ’حق توار‘ جي نالي سان قائم ڪيل اسٽڊي سرڪلز بلوچستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ غور و فڪر، علم ۽ عمل جي مشعل روشن ڪئي، جنهن مان بلوچ قوم پنهنجي منزل جو رستو ڳولي لڌو.”

ترجمان وڌيڪ چيو ته اسان کي بابا خيربخش مري جي شخصيت ۽ ڪردار مان صبر، دانائي ۽ اثرائتي حڪمت عملي جو درس ملي ٿو. پاڻ جذباتيت، غير حقيقي سياست ۽ رڳو لفظن جي راند تي يقين نه رکندا هئا. پاڻ اسان کي سيکاريائون ته اثرائتي ۽ عملي سياست ڪنهن بيان بازي يا ميڊيا پروپيگنڊا جي محتاج ناهي هوندي، ۽ عمل کان سواءِ رڳو نعرن بازي سان تحريڪون ناهن هلنديون. سندن جي ان ئي سوچ بلوچ مزاحمتي سياست کي نئين زندگي بخشي، جيڪا اڄ پنهنجي مضبوط ترين روپ ۾ موجود آهي.

Open as a separate page: بابا خيربخش مري جي 12هين ورسي: پاڻ بلوچ جدوجهد کي واضح رستو ۽ پڪا بنياد فراهم ڪيائون، ترجمان بي اين ايم

Thursday ۴ June ۲۰۲۶

بيانَات

بلوچستان ۾ پاڪستاني فوج رڳو ٽن ڏينهن دوران 17 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، عالمي برادري جي خاموشي صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي — بي اين ايم ترجمان

بلوچستان ۾ پاڪستاني فوج بی هٿيار،هٿين خالي شهرين کي مسلسل نشانو بڻائي رهي آهي، جڏهن ته عالمي برادري جي خاموشي بلوچستان ۾ انساني حقن جي صورتحال کي هر پهلوءَ کان انتهائي ڳڻتي جوڳي ۽ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. رڳو هلندڙ هفتي دوران 17 ماڻهن کي ماوراءِ عدالت قتل ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي ضلعن مستونگ، نوشڪي، زهري، خضدار، ڪيچ ۽ گوادر جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ روزاني بنيادن تي جبري گمشدگين جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته شهري آبادين تي گن شپ هيليڪاپٽرن ذريعي شيلنگ پڻ ڪئي پئي وڃي. بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) هن رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪندي چوي ٿي ته پاڪستان بلوچ قوم جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي ۽ صورتحال عالمي مداخلت جي متقاضي آهي. انهن خيالن جو اظهار بي اين ايم جي مرڪزي ترجمان بلوچستان ۾ تازن ڏينهن دوران پيش آيل رياستي دهشتگردي جي مختلف واقعن جي تناظر ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو.

ترجمان وڌيڪ تفصيل بيان ڪندي چيو ته قبضي هيٺ آيل بلوچستان مسلسل پاڪستاني فوج جي ظلمن ۽ رياستي دهشتگردي جو شڪار آهي. 2 جون 2026 تي پاڪستاني فوج هڪ ڀيرو ٻيهر زهري علائقي کي نشانو بڻايو. هن حملي دوران بلبل، زهري ۾ هڪ پرامن سياسي ڪارڪن خليل احمد موسياني کي سندس گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ حراست دوران قتل ڪيو ويو. ان سان گڏ ڪيترن ئي ماڻهن کي جبري طور لاپتا ڪيو ويو آهي، جن ۾ زهري خان موسياني، شڪر خان، ثناءُ الله موسياني، اميد علي خان، دوست محمد، ارشاد احمد ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي اڃا تائين آزاد نه ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته 31 مئي تي مستونگ جي علائقي ڪردگاپ ۾ پاڪستاني فوج جي گولاباري سبب غلام جان سمالاني قتل ٿي ويو، جيڪو پيشوَرانه طور ڊرائيور هو. جڏهن ته 1 جون تي کڊ ڪوچه جي علائقي کڊ عمراني ۾ شهري آبادي تي هيليڪاپٽرن ذريعي شيلنگ ڪئي وئي. رابطن جي معطلي سبب اتي ٿيل نقصانن بابت مڪمل تفصيلون اڃا تائين سامهون نه اچي سگهيون آهن.

بي اين ايم جي ترجمان چيو ته قبضي هيٺ آيل بلوچستان 1948ع کان وٺي اڄ تائين پاڪستاني فوج جي جارحاڻين ڪارروائين جي زد ۾ رهيو آهي. هتي سياسي قوتن کي تشدد ۽ طاقت جي زور تي دٻائڻ جي رياستي پاليسي اڃا تائين شدت سان جاري آهي. جبري گمشدگين جي تسلسل هزارين خاندانن کي معاشي ۽ سماجي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي. 31 مئي کان 2 جون تائين رڳو ٽن ڏينهن دوران پاڪستاني فوج 17 ماڻهن کي سرعام قتل ڪيو، پر فوج مقتولن جي سڃاڻپ ۽ تفصيل ظاهر ڪرڻ کان پاسو ڪري رهي آهي. اهڙن ڪيترن ئي واقعن ۾ اڳ ئي جبري طور گم ڪيل ماڻهن کي حراست دوران قتل ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ پوءِ انهن کي هٿياربند ماڻهن خلاف ڪارروائي قرار ڏئي ڪوڙيون دعوائون ڪيون وينديون رهيون آهن. مقتولن جا لاش به وارثن حوالي نه پيا ڪيا وڃن.

ترجمان زور ڏيندي چيو ته پاڪستاني فوج بلوچ قوم خلاف نسل ڪشي جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. نسل ڪشي هڪ اهڙو مرحليوار عمل آهي جنهن ذريعي ڪنهن قوم کي سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ معاشي طور تباهه ڪيو ويندو آهي. ڊيره بگٽي، ڪوھلو، آواران، زهري، خضدار، پنجگور، ڪيچ ۽ گوادر جي ضلعن ۾ درجنين ڳوٺ تباهه ڪري ماڻهن کي زبردستي لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. ساڳئي پاليسي جي تسلسل طور تازن ڏينهن ۾ گوادر جي تحصيل جيمڙي جي ڳوٺ “پانوان” کي مسلسل نشانو بڻايو پيو وڃي.

هن چيو ته پاڪستاني فوج جا اهلڪار رات جي اونداهي ۾ پانوان جي رهواسين جي گهرن تي حملا ڪن ٿا. جبري گمشدگين، گهرن جي ڊهڻ ۽ ماوراءِ عدالت قتلن کان تنگ اچي سوين ماڻهن تي مشتمل ڪيترائي خاندان لڏپلاڻ ڪري اولهه بلوچستان منتقل ٿي ويا آهن، جتي انهن کي سخت معاشي ۽ سماجي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته درجنين ٻار تعليم کان محروم ٿي چڪا آهن.

ترجمان پنهنجي بيان جي پڄاڻيءَ ۾ چيو ته بي اين ايم بلوچستان جي آزادي واري تحريڪ جي حقيقتن کي دنيا آڏو آڻڻ لاءِ هر سطح تي سرگرم آهي ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿي ته بلوچستان کي هڪ جنگ زده ۽ تڪراري خطو تسليم ڪندي فوري مداخلت ڪئي وڃي. سندس چوڻ موجب بلوچستان جي آزادي جي بحالي کان سواءِ نه رڳو بلوچ قوم جي بقا خطري ۾ آهي، پر هن اهم ۽ تزويراتي خطي ۾ پائيدار امن جو قيام پڻ بلوچ قوم جي حقِ خوداراديت ۽ بلوچستان جي آزادي سان مشروط آهي.

Open as a separate page: بلوچستان ۾ پاڪستاني فوج رڳو ٽن ڏينهن دوران 17 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، عالمي برادري جي خاموشي صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي — بي اين ايم ترجمان

Monday ۲۳ February ۲۰۲۶

بيانَات

افغانستان تي پاڪستان جي حملن ۾ بيگناهه جانيون ضايع ٿيون؛ بلوچ قوم افغانستان جي حقِ دفاع جي حمايت ڪري ٿي – ترجمان بي اين ايم

بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) جي ترجمان افغانستان تي پاڪستان جي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان 21 ۽ 22 فيبروري جي وچ واري رات افغانستان جي آبادي وارن علائقن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت پورا ڪٽنب قتل ٿي ويا. بلوچ قوم جون همدرديون متاثر خاندانن سان آهن، ۽ اسان افغانستان جي خودمختياري ۽ ان جي حقِ دفاع جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.

هن چيو ته افغانستان تي پاڪستاني حملا افغان قوم جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ آزادي تي سڌو سنئون حملو آهن، جن ۾ سڌو سنئون شهري نشانو بڻايا ويا. حقيقتون پاڪستان جي دعوائن جي ترديد ڪن ٿيون. انهن هوائي حملن ۾ پڻ اڳ وانگر بيگناهه شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو.

ترجمان وڌيڪ چيو ته گذريل 79 ورهين کان علائقي ۾ بدامني جو بنيادي سبب رياست پاڪستان جون پاليسيون آهن، جيڪي ظاهر ۽ ڳجهن توسيع پسندانه ارادن تي ٻڌل آهن. پاڪستان پنهنجي قيام کان فوراً پوءِ بلوچستان تي قبضو ڪيو، قومن جي خودمختياري ۽ آزاديون کسيو ويون ۽ کين بالادست پنجابي رجيم جي ماتحت رکيو ويو. موجوده “نام نهاد پاڪستان” ۾ محڪوم قومون پنهنجي قومي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن. دنيا ڏسي رهي آهي ته پاڪستان سياسي ۽ سماجي طور انتشار جو شڪار ٿي چڪو آهي، ۽ اهي ئي حالتون رياست پاڪستان لاءِ مسئلن جو سبب بڻجي رهيون آهن.

هن چيو ته سياسي قوتن خلاف فوجي جبر ۽ رياستي دهشتگردي باوجود پاڪستان پنهنجا معاملا درست ڪرڻ ۾ مسلسل ناڪام رهيو آهي، ۽ پنهنجين ناڪامين جو الزام پاڙيسري ملڪن تي وجهي علائقي ۾ بيچيني ۽ جنگ جهڙو ماحول پيدا ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي فوجي طاقت نه رڳو علائقي پر علائقي کان ٻاهر ملڪن لاءِ به هڪ واضح خطرو آهي. هن صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقي جي قومن وچ ۾ اتحاد ۽ گڏيل محاذ جو قيام لازمي ۽ اهم آهي.

Open as a separate page: افغانستان تي پاڪستان جي حملن ۾ بيگناهه جانيون ضايع ٿيون؛ بلوچ قوم افغانستان جي حقِ دفاع جي حمايت ڪري ٿي – ترجمان بي اين ايم

Thursday ۱۹ February ۲۰۲۶

پانڪ

پانڪ پاران جنوري 2026 جي رپورٽ: 12 ماڻهو ماورائي عدالت قتل، 82 جبري گمشدگيون، 44 ماڻهو سخت تشدد کان پو ءِ آزاد

بلوچ نيشنل موومينٽ (بي اين ايم) جي انساني حقن واري اداري پانڪ پنهنجي جنوري 2026 جي تازه ترين رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سال جي شروعات بلوچستان ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين سان ٿي آهي. رپورٽ موجب، بلوچستان جي مختلف ضلعن ۽ ڪراچي (سنڌ) ۾ جبري گمشدگين ۽ ماورائي عدالت قتل جا ڪيترائي واقعا پيش آيا آهن. مجموعي طور تي 82 ماڻهن جي جبري گمشدگي جا ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 44 ماڻهو سخت ذهني ۽ جسماني تشدد کان پوءِ آزاد ٿيا. ساڳئي عرصي دوران، ماورائي عدالت قتل جا 12 تصديق ٿيل واقعا سامهون آيا، جنهن سبب بلوچستان ۾ خوف ۽ بي يقيني واري فضا وڌيڪ وڌي وئي آهي.

ماورائي عدالت قتل ٿيندڙن ۾ محمد انور، راهي عصا، اياز (پٽ دوست محمد)، ظريف (پٽ فقير محمد)، ظريف (پٽ محمد يعقوب)، بالاچ (پٽ حامد)، زوهيب احمد، ملا رزاق، عبدالمطلب، نعمان حيدر، طاهر بلوچ ۽ ملنگ (پٽ زاهد نديم) شامل آهن. محمد انور، رهواسي ڪلي سفر علي (ضلع دُڪي)، جون 2025 ۾ حراست ۾ ورتو ويو ۽ جنوري 2026 ۾ سندس لاش دُڪي مان مليو. گهٽ عمر جي راهي عصا کي هوشاپ بازار ۾ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. اياز (رهواسي گيشڪور، آواران) ۽ ظريف ولد فقير محمد (رهواسي سياہ ڪل، مالار، آواران) جا گولين سان پروڻ ٿيل لاش آواران جي علائقي نوندڙه مان مليا. بالاچ (رهواسي تسپ، پنجگور) کي تسپ بازار ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، جڏهن ته ظريف ولد محمد يعقوب (رهواسي ريڪ چاهي، ڪولواهه) کي اغوا جي ٻن ڪلاڪن بعد قتل ڪيو ويو. زوهيب احمد کي پنجگور ۾ اغوا ڪرڻ بعد تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ۽ ملا رزاق (رهواسي نوانو زامران) جو لاش سيمسوري ڪور (ندي) مان مليو. عبدالمطلب (رهواسي ڪلي ڪمالو، سرياب) کي 11 جولائي 2025 تي گهر مان کنيو ويو ۽ 19 جنوري 2026 تي دشت مستونگ ۾ جعلي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو. نعمان حيدر کي 19 نومبر 2025 تي مند (ڪيچ) مان حراست ۾ ورتو ويو ۽ سندس لاش 21 جنوري 2026 تي تمپ مان مليو. 21 سالن جي مزدور طاهر بلوچ کي 21 جنوري 2026 تي تمپ ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته 20 سالن جي ملنگ ولد زاهد نديم کي حراست کان پوءِ جبري طور گم ڪيو ويو ۽ پوءِ سندس لاش هٿ آيو.

ضلعي انگن اکرن موجب، ڪيچ مان 26، شال مان 16، گوادر مان 15، خاران ۾ 9، پنجگور ۾ 6، خضدار مان 4، لسٻيلي مان 2، ڪراچي مان 2، ۽ ڊيرا بگٽي ۽ نوشڪي مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. ڪيترن ئي واقعن ۾ گهرن تي ڇاپا، بغير وارنٽ جي گرفتاريون ۽ اڻڄاتل هنڌن تي قيد دوران تشدد جا سنگين الزام سامهون آيا آهن.

پانڪ مطابق، اها صورتحال بلوچستان ۾ انساني حقن جي بگڙجندڙ حالت جي واضح عڪاسي ڪري ٿي. بيان زور ڏئي ٿو ته جبري گمشدگيون ۽ ماورائي عدالت قتل هاڻي هڪ “اڻ لکت قانون” بڻجي چڪا آهن، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ شفاف ۽ خودمختار جاچ، ذميوارن جي سڃاڻپ ۽ موثر احتساب ضروري آهي، ته جيئن متاثر خاندانن کي انصاف ملي ۽ بلوچستان ۾ قانون جي بالادستي برقرار رهي.

Open as a separate page: پانڪ پاران جنوري 2026 جي رپورٽ: 12 ماڻهو ماورائي عدالت قتل، 82 جبري گمشدگيون، 44 ماڻهو سخت تشدد کان پو ءِ آزاد

Wednesday ۴ February ۲۰۲۶

آواران زون

ڊاڪٽر منان بلوچ مشڪلاتن جي وچ ۾ بي اين ايم کي مضبوط بڻايو — بي اين ايم آواران زون جي گڏجاڻي

بلوچ نيشنل موومينٽ ( بي اين ايم) شهيد ڊاڪٽر منان ۽ سندس ساٿين جي شهادت جي ورسيءَ جي موقعي تي هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي. گڏجاڻي ۾ بي اين ايم آواران زون جي ميمبرن شرڪت ڪئي، ڳالهائيندڙن ۾ بي اين ايم جا جونيئر وائيس چيئرمين استاد بابل لطيف، سينٽرل ڪميٽي جا ميمبر چيف اسلم، آواران زون جا وائيس پريزيڊنٽ تالر ناز، ۽ زبير شامل هئا.

ياد رهي ته 31 جنوري 2016 تي مستونگ جي ڳوٺ ڪلي ڊاٽو ۾ پاڪستان آرمي هڪ حملي دوران ڊاڪٽر منان ۽ سندس ساٿين بابو نوروز، حنيف، اشرف، ۽ ساجد کي شهيد ڪيو. شهيد ڊاڪٽر منان بلوچ نيشنل موومينٽ ( بي اين ايم) جا سيڪريٽري جنرل هئا.

گفتگو دوران، ڳالهائيندڙن چيو ته شهيد ڊاڪٽر منان رڳو هڪ اڳواڻ نه پر هڪ قومي تحريڪ به هئا. هو بلوچستان جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کان واقف هئا. انتهائي مشڪل حالتن ۾ به، هو ڏينهن رات پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا رهيا. جتي به پارٽيءَ جي ڪم لاءِ سڏ هوندو هئو، بنا ڪنهن هچڪچاهٽ جي پهچندا هئا.

شهيد ڊاڪٽر منان جي سياسي شعور ۽ قابليتن تي ڳالهائيندي، ڳالهائيندڙن چيو ته هو هميشه پنهنجي ساٿين جي ڪم جو تنقيدي جائزو وٺندا هئا. جيڪڏهن ڪنهن ڪم ۾ ڪمزوري نظر ايندي هئي ته واضح ۽ بي باڪ طريقي سان ان کي ظاهر ڪندا هئا. انهن جي نظر ۾ تنقيد سياست ۾ توازن قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي، ۽ هو تنقيد کي نفرت نه سمجهندا هئا. هو چاهيندا هئا ته ڪمزورين جو اثر تنظيم ۽ تحريڪ تي منفي نه پوي.

“شهيد ڊاڪٽر منان جي شهادت هڪ وڏو خال پيدا ڪيو، پر سندس قرباني پارٽي کي منظم ۽ وڌيڪ مضبوطي ڏني. هن ثابت ڪيو ته وڏي طاقت شهرت نه پر پنهنجي مقصد لاءِ وفاداري آهي.”

گفتگو دوران، ڳالهائيندڙن چيو ته ڊاڪٽر منان پڙهائي ۽ ڪتابن سان گهرو تعلق رکندا هئا. هو هميشه پنهنجن ساٿين کي پڙهڻ جي تلقين ڪندا ۽ صلاح ڏيندا هئا ته ڪتابن سان دوستي قائم ڪيو، ڇو ته ڪتاب ترقي جي ضمانت آهن. هو پاڻ به باقاعده مطالعو ڪندا ۽ سياسي سرگرمين ۾ سرگرم رهندا هئا. هو خبرون ٻڌندا، نوٽس وٺندا، ۽ بلوچستان، علائقي ۽ دنيا جي صورتحال بابت مڪمل ڄاڻ رکندا هئا.

گفتگو ڪندڙن چيو ته ڊاڪٽر منان عهدي کان اڳ ئي ليڊر طور ڪم ڪري رهيا هئا. هو بلوچ قوم جو هڪ طاقتور آواز هئا. بلوچ نيشنل موومينٽ ( بي اين ايم ) جي پليٽفارم ذريعي هن بلوچ قوم کي متحد ڪيو علم، سوچ ۽ شعور کي فروغ ڏنو ته جيئن پاڪستان جي ظلم ۽ غلامي خلاف مزاحمت مضبوط ٿي سگهي. پاڪستاني رياست انهن جي سياسي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ انهن کي خاص طور نشانو بڻايو.

ڳالهائيندڙن چيو ته پاڪستاني رياست سمجهي ٿي ته قومي اڳواڻن کي شهيد ڪرڻ سان بلوچ تحريڪ کي روڪي سگهجي ٿو يا ختم ڪري سگهجي ٿو، پر اهو ڪڏهن به ممڪن نه ٿيندو. شهيدن جي قربانين ذريعي، بلوچ قوم جون ايندڙ نسلون وڌيڪ جاڳيل ۽ شعور رکندڙ ٿينديون، ۽ هڪ ڏينهن ضرور پنهنجي آزادي حاصل ڪنديون.

Open as a separate page: ڊاڪٽر منان بلوچ مشڪلاتن جي وچ ۾ بي اين ايم کي مضبوط بڻايو — بي اين ايم آواران زون جي گڏجاڻي

Tuesday ۳ February ۲۰۲۶

بيانَات

بي اين ايم جي چيئرمين جي والد ۽ ڪٽنب جي جبري گمشدگي بلوچ قوم خلاف اجتماعي سزا جو تسلسل آهي — ترجمان، بي اين ايم

بي اين ايم (بلوچ نيشنل موومينٽ) جي ترجمان چيو آهي ته بي اين ايم جي چيئرمين جي والد ۽ ڪٽنب جي ويجهن فردن جي جبري گمشدگي نه ته هڪ الڳ واقعو آهي ۽ نه ئي استثنائي. اهو ته هڪ ڊگهي عرصي کان جاري، منظم پاليسي جو حصو آهي، جيڪا بلوچ قوم تي اجتماعي سزا طور لاڳو ڪيل آهي. سڄي بلوچستان ۾ سياسي سرگرم عملن وارن جي خاندانن کي ڄاڻي واڻي ڪري نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ جبري گمشدگيون دٻاءُ جو هڪ بنيادي ۽ مستقل اوزار بڻجي ويون آهن.

ترجمان زور ڏنو ته ڪيترن ئي سالن کان بي اين ايم ۽ ٻين سياسي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ سرگرم عمل ڪارڪنن جي خاندانن تي جاري دٻاءُ، زبردستي، ۽ اجتماعي سزا لاڳو ڪئي پئي وڃي. انهن قدمن جو مقصد سياسي مزاحمت کي خوف ۽ دهشت ذريعي دٻائڻ آهي. بهرحال، اهڙيون حڪمت عمليون پنهنجي مقصد ۾ ناڪام رهيون آهن.

هن چيو ته بي اين ايم جا اڳواڻ ۽ سرگرم عمل انهن طريقن کان خوفزده نه ٿيندا. پاڪستاني رياست بي اين ايم جي عالمي سفارتي سرگرمين کان گهڻو پريشان آهي، جيڪي بلوچ آزاديءَ جي تحريڪ جي حمايت ۾ ڪيون پيون وڃن. چيئرمين ڊاڪٽر نسيم بلوچ جي قيادت هيٺ، گذريل سالن دوران بلوچ قومي مسئلو عالمي فورمن تي موثر انداز ۾ اجاڳر ڪيو ويو آهي. بي اين ايم جي مستقل ڪوششن جي نتيجي ۾، يورپي ملڪن ۾ بلوچ قومي تحريڪ وڌيڪ ڌيان حاصل ڪيو آهي. ان جي جواب ۾، پاڪستاني فوج بي اين ايم اڳواڻن ۽ سرگرم عملن جي خاندانن تي دٻاءُ وڌايو آهي.

ترجمان چيو ته چيئرمين ڊاڪٽر نسيم بلوچ جي خاندان کي نشانو بڻائڻ اهو واضح ڪري ٿو ته بلوچستان ۾ پرامن سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ ميمبر به رياستي ظلم ۽ اجتماعي سزا کان محفوظ نه آهن. عالمي سطح تي مسلسل بي عملي پاڪستاني فوج کي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪرڻ جي همت ڏني آهي. بي حسابي جي خوف کانسواءِ عام ماڻهو نشانو بڻايا وڃن ٿا ۽ بلوچ قوم خلاف نسل ڪشي جهڙا منظم عمل جاري آهن، جتي فوج اخلاقي ۽ قانوني حدن کي نظرانداز ڪري رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته بي اين ايم زور ڏئي ٿو ته بلوچستان کي هڪ قبضي واري ۽ متنازع علائقي طور تسليم ڪيو وڃي، جتي بلوچ قوم پنهنجي خوداراديت لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. شديد ظلم ۽ جبر جي باوجود، پاڪستان بلوچ آزادي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هر مزاحمتي حملي کان پوءِ، پاڪستاني فوج عام شهرين تي پنهنجو غصو ڪڍي ڇڏيندي آهي، جڏهن ته سياستدان فوج کي روڪڻ جي بجاءِ ان جي عمل کي سهارو ڏين ٿا.

ترجمان وڌيڪ چيو ته بي اين ايم پاڪستان جي ظلم جي اڳيان چپ نه رهندي. 7 فيبروري تي جرمني ۾ بلوچستان ۾ جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ جبري گمشدگين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. گڏوگڏ هڪ هم آهنگ آن لائن ميڊيا مهم شروع ڪئي ويندي، جنهن ۾ وڊيو بيان، دستاويزي فلمون، پوسٽر ۽ ڊجيٽل پروگرام شامل هوندا، ته جيئن قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي شعور وڌائي سگهجي.

ترجمان پاڪستاني اختيارين جي تازن بيانن تي شديد تشويش جو اظهار ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ اضافي فوج جي نفاذ بابت پاڪستان جي دفاع وزير ۽ ٻين اختيارين جا بيان اڳ ۾ ئي شديد صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪرڻ جو خدشو وڌائين ٿا. پاڪستاني اختياريون ۽ ٺاهيل وزيراعلیٰ سرفراز بگٽي پنهنجي بيانن ذريعي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته رياستي طاقت جو استعمال محدود ۽ جائز آهي، جڏهن ته حقيقت انهي جي برعڪس آهي. درحقيقت، بلوچستان ۾ عدالتبکان مٿاهان قتل، جبري گمشدگيون، شهرين تي ڊرون حملا، هوائي بمباري، سياسي، سماجي ۽ تعليمي سرگرمين تي پابنديون، ۽ سياسي اڳواڻن ۽ سرگرم ڪارڪنن جي گرفتاري معمول جو حصو بڻجي وئي آهي.

ترجمان خبردار ڪيو ته فوجي حملا ۽ کليل اجتماعي سزا جا وڌيڪ خطرا اهو ظاهر ڪن ٿا ته بلوچ سماج کي وڌيڪ سخت پابندين ۽ ظلم کي منهن ڏيڻو پئي سگهي ٿو.

تازن واقعن جو حوالو ڏيندي ترجمان چيو ته 2 فيبروري جي صبح بلوچستان جي حب ۾ بي اين ايم جي چيئرمين جي خاندان کي پاڪستاني فوج نشانو بڻايو. چيئرمين جي والد محمد بخش ساجدي، ان جو چاچو نعيم ساجدي ۽ مامون انجنيئر رفيق بلوچ گرفتار ٿيڻ کانپوءِ زبردستي گم ڪيا ويا آھن.

گوادر ۾ پاڪستاني فوج هڪ رهائشي گهر تي ڳري هٿيارن سان حملو ڪيو، جنهن ۾ 12 ماڻهن سميت عورتون ۽ ٻار مارجي ويا. سڃاڻپ ٿيل زخمين ۾ نور محمد زهري ۽ سندس پٽ ياسمين شامل هئا.

تربت جي پل آباد ۾ پاڪستاني فوج شهري علائقن تي مارٽر گوليون فائر ڪيون، جنهن ۾ 15 ساله انس بلوچ، پٽ ابراهيم مارجي ويو.

گذريل چار ڏينهن کان بلوچستان ۾ انٽرنيٽ سروس مڪمل طور بند آهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي علائقن کي ٻاهرين دنيا سان ڳنڍڻ کي ناممڪن بڻايو ويو آهي ۽ فوجي ڪارروائين سبب شهرين لاء نقصان جي معلومات حاصل ڪرڻ جي ڏکيائي پيدا ڪئي آهي.

سڀني تصديق ٿيل رپورٽن موجب، پاڪستاني فوج نوشڪي ضلعي ۾ شهرين کي نشانو بڻائيندي ڪيترائي ڊرون حملا ڪيا آهن. 2 فيبروري تي جمالديني ۾ هڪ ڊرون حملي ۾ عبدالله منان جي ٽن سالن جي ڌيءُ ديدگ مارجي وئي.

ترجمان چيو ته بي اين ايم بين الاقوامي برادري کان اپيل ڪري ٿي ته بلوچستان جي صورتحال کي فوري ۽ سنجيدگي سان ڌيان ڏي، پاڪستان ڄاڻي واڻي عالمي برادري کي گمراهه ڪري رهيو آهي ته جيئن بلوچ قوم خلاف جاري نسل ڪشي کي لڪائي سگهي. بلوچستان جي سامونڊي ڪناري، زمين ۽ قدرتي وسيلن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾، پاڪستان بلوچ قوم جي خودمختياريءَ جي حق کي رد ڪري رهيو آهي ۽ قومي سڃاڻپ کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هن خبردار ڪيو ته انساني حقن بابت بين الاقوامي ٻٽو معيار هن علائقي ۾ بحران کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿو. بي اين ايم مطالبو ڪري ٿي ته پاڪستان کي بين الاقوامي سطح تي جوابده قرار ڏنو وڃي ۽ پاڪستان سان تجارتي شراڪتداريون — خاص طور تي بلوچستان ۾ منصوبن سان لاڳاپيل سيڙپڪاري — جو جائزو وٺڻ گهرجي. بين الاقوامي مداخلت ۽ انساني حقن جي حفاظت ۾ ڪنهن به دير سان انساني بحران وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿو.

ترجمان آخر ۾ چيو ته تازن واقعن جي جواب ۾ بي اين ايم پنهنجي سياسي، احتجاجي ۽ ميڊيا سرگرمين کي وڌيڪ وڌائيندي. هم آهنگ ۽ مسلسل احتجاجي مظاهرا ۽ ميڊيا مهمون شروع ڪيون وينديون ته جيئن بلوچستان جي صورتحال کي اجاڳر ڪيو وڃي. رياست جيئن وڌيڪ طاقت استعمال ڪندي، بي اين ايم جي انقلابي ڪارڪنن جو عزم ۽ حوصلو مضبوط ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو ته بي اين ايم جو انفارميشن، آئي ٽي ۽ ثقافتي ڊپارٽمينٽ باقاعده هفتي وارن آن لائن پروگرامز ذريعي بلوچستان جي مسئلن کي اجاڳر ڪندو. سڀني چيپٽرن ۽ زونن کي ميڊيا مينيجمينٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ مشاورت ۾ شامل ڪيو ويندو، ته جيئن بلوچ قوم جو آواز دنيا تائين واضح ۽ مؤثر انداز ۾ پهچي سگهي.

Open as a separate page: بي اين ايم جي چيئرمين جي والد ۽ ڪٽنب جي جبري گمشدگي بلوچ قوم خلاف اجتماعي سزا جو تسلسل آهي — ترجمان، بي اين ايم